مٽياري (رپورٽر)  مٽياري پوليس ٽرڪ مان 2 مڻ چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ پوليس ايس ايڇ او مٽياري ذالفقار اوڊاڻو دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس نفري سان گڏ دوران گشت چيڪنگ دوران قومي شاھراھ تي ٽرڪ نمبر GLTA. 5066 کي روڪي چيڪنگ ڪئي وئي جنهن مان وڏي تعداد ۾ چرس هٿ آيو. چرس جيڪو 2 مڻ آهي. ان سان گڏ ھڪ جوابدار آحابيل خان پٺاڻ ويٺل لنڊي ڪوتل ضلع پشاور خبير پختون خواہ  گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏھن ته ٻيو جوابدار اڪبر بروهي ولد غوث بخش فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ويو. جوابدار پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھو چرس پشاور کان حيدرآباد سپلائي ڪرڻ وڃي رهيا ھئاسين . پوليس پاران جوابدار مٿان منشيات ايڪٽ تحت مٽياري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو جڏھن ته ٻئي جوابدار جي ڳولا جاري آهي.