نصيرآباد (ن پ ا)  نصيرآباد جي ڳوٺ الله بخش کوسو، سُلطان ايري ۽ وزير ملاڻو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو،شاھن کوسو، امير بخش ايري، نادر کوسو ۽ ابراهيم ايري جو چوڻ هو ته ڳوٺن جي چوڌاري پاڻي بيٺل آهي. برسات سبب 200 کان وڌيڪ اسان جا گهر ڊهي پيا آهن. ۽ ساريالا فصل به ٻُڏي تباه ٿي ويا آهن. بيروزگاري سبب کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو، پر سنڌ سرڪار ڪا به واهر نه ڪئي آهي. بيمارين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.