نوشهروفيروز (رپورٽر) فنڪارن پاران سھائتا نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اداڪارن ۽ فنڪارن ظھور ٻٻر، شبير عمراڻي، علي نواز سولنگي ۽ ٻين چيو ته اداڪار، فنڪار برسات سبب سخت متاثر ٿيا آهن ۽ اڃا تائين بيروزگار آھن، ڪير به امداد ڪرڻ وارو ناھي، ثقافت کاتو فنڪارن کي نظر انداز ڪري رھيو آھي، ھنن چيو ته فنڪارن جي سھائتا ڪئي وڃي.