لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ صحت کاتي پاران صحافين ۽ انهن جي ڪٽنب لاءِ هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي،ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي طرفان صحافين ۽ انهن جي ڪٽنب جو طبي معائنو ڪري مليريا، ڪنگهه، بخار، چمڙي، ڊائريا ۽ ٻين مرضن جون دوائون ڏنيون. 49 کان وڌيڪ ماڻهن جي مليريا ۽ شگر ٽيسٽ ٽيسٽ ڪئي وئي،17 ماڻهن جي مليريا پازيٽو اچڻ تي کين 14 ڏينهن جون دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو ڪئمپ جو دورو ڪري ڊاڪٽرن کان معلومات ورتي.ڊپٽي ڊي ايڇ او چيو ته پريس ڪلب ۾ ڪيمپ لڳائڻ جو مقصد صحافين ۽ سندن ڪٽنبن کي موجوده ٻوڏ ۽ برسات کان بعد ڦهلجندڙ وبائي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ آهي.