سيوھڻ : حضرت لال شهباز قلندر رح جي 771 ھين عرس مبارڪ جي ٽيئن  ڏينهن رات جو  شھباز آڊيٽوريم ۾ محفل موسيقي ۽ ايوارڊ ورھائڻ واري تقريب منعقد ٿي، ايم اين اي سڪندر راھپوٽو ۽ چيئرمين شھباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفي خاص مھمان طور شرڪت ڪئي، عرس دوران بھترين ڪارڪردگي تي پريس ڪلب سيوهڻ  جي صدر ڪي ڪي بڙدي ۽ پريس ڪلب ڀان جي صدر مظفر کوکر کي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفي پاران شهباز ايوارڊ سان نوازيو ويو. ايس ايس پي ڄامشورو،  ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد سوائي خان ڇلڳري ۽ سندس سٿ کي بھترين ميڊيا ڪوريج تي شھباز ايوارڊ سان نوازيو ويو، تقريب دوران اطلاعات کاتي جي پبليڪشن شعبي پاران عرس مبارڪ جي مناسبت سان  شايع ڪيل مئگزين شهباز ڪري پرواز مهمانن کي تحفي طور ڏنو ويو جڏھن ته محفل موسيقي ۾  ملڪ جي مشهور فنڪارن حميره چنه،  فائزه علي، معصوم مختيار، شمن ميرالي، ضامن علي، منظور سخيراڻي، ريشما پروين، سرور  سخيراڻي، قادر بخش مٺو، طاهر مٺو، تاج مستانی، فائزہ ماروي، ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل ۾ موجود پانڌيئڙن کان خوب داد وصول ڪيو ويو. آخر ۾ بھترين فرفارمنس ڏيڻ تي ملڪ جي ناليواري فنڪاره حميرا چنا کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ شھباز ايوارڊ سان نوازيو ويو. جڏهن ته فائزا علي کي اڀرندڙ فنڪارا جو شھباز ايوارڊ ۽ ان سان گڏ مشهور راڳي شمن علي ميرالي ۽ منظور سخيراڻي کي پڻ مڃتا طور شھباز ايوارڊ ڏنا ويا. راڳ رهاڻ جي محفل  رات دير  تائين جاري رھي.