لاهور(م ڊ) جامعه نعيميه توشا خاني جي قانون کي غيرشرعي قرار ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽر راغب نعيمي، مفتي عمران حنفي، مفتي نديم قمر، مفتي عارف حسين فتويٰ ڏني آهي ته توشا خاني مان گهٽ قيمت تي شيون خريد ڪرڻ شرعي لحاظ کان جائز نه آهي، حڪومتي عهدي تي ويٺل شخص کي مليل تحفو ملڪيت ۾ رکڻ تي رسول الله تنبيهه ڪئي آهي. فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته توشا خاني جا تحفا ملڪ ۽ قوم جي امانت آهن تحفن کي عوامي فلاح ۽ بهبود تي به خرچ ٿيڻ گهرجي. حديثن ۾ آهي ته حڪمرانن کي ملندڙ تحفا رياستي خزاني ۾ جمع ٿيندا سستو وٺڻ امانت ۾ خيانت برابر آهي. فتويٰ ۾ چيف جسٽس کي اپيل ڪئي وئي آهي ته توشه خانا ۾ مروج قانون تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.