سيوهڻ: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزار جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حضرت لال شهباز قلندر جي 771هين عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي حاضري ڀرڻ ۽ دعا ڪرڻ لاءِ آيو آهيان هن ڀيري سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام بهتر طريقي سان ڪيا ويا آهن  ۽ الله جو ڪرم  سان  عرس مبارڪ خير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو هڪ سوال تي هن چيو ته آدمشماري بابت وفاق کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته جنهن جي ڳڻپ ڪئي وڃي ان کي ان جي هڪ ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهجي داخلا بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ان جو رڪارڊ ڏنو وڃي ته جيئن اهي ڪنهن غلطي جي صورت ۾ ان کي صحيع ڪري سگهن، هن چيو ته اليڪشن کان وڌيڪ اهم مسئلو مردمشماري جو آهي جيڪو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پي ٽي آئي جي ورڪر ظل شاهه جو قتل افسوس ناڪ آهي پر ان ۾ پي ٽي آئي ۽ پوليس جو الڳ الڳ موقف سامهون آيو آهي.  هڪ سوال تي هن چيو ته  عمران خان حڪومت آئي ايم ايف  سان جيڪي معاهدا ڪيا اهي ان تان ڦري ويا ان ڪري هاڻي آئي ايم ايف وارا غير يقيني جي ڪري سخت شرطون رکي رهي آهي ، هڪ سوال تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته برساتن کانپوءِ سنڌ حڪومت تڪڙا آپا ورتا جنهن جي ڪري ڪڻڪ جي بهتر پيداوار ٿيندي. هن چيو ته پي پي پي هميشه پنهنجي عوام جي مدد ڪئي آهي ۽ تمام جلد هارين کي ۽ عام ماڻهن کي امدادي رقم  جاري ڪئي ويندي اسان هر مشڪل وقت ۾  پنهنجي عوام سان گڏ هئاسين ۽ رهنداسين توشه خانه جي فهرست جاري ٿيڻ بابت هن چيو ته عمران خان سواءِ جنهن به تحفا ورتا اهي وڪرو نه ڪيا آهن پر عمران خان ڪوڙيون رسيدون ٺاهي پنهنجا تحفا ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪيا ۽ انهن کي پنهجن گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو.