نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ۾ هفتو اڳ مذهب مٽائي شادي  ڪندڙ ناري ڪرشما (ڪنول) جي وارثن ۽ پاڪستان دراوڙ اتحاد جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ناري جي وارثن ۽ اڳواڻن رميش ڀيل، ڀاڳان ڀيل، نارائڻ داس جئپال، موهن لال ۽ ٻين چيو ته نينگري ڪرشما (ڪنول) جي عمر 16سال آهي، جنهن کي هفتو اڳ هٿيارن جي زور  تي پنجن ڄڻن سهيل رند، رياض رند، جاويد رند ۽ ٻين گهر مان اغوا ڪيو، هنن چيو ته نياڻي جو زبردستي مذهب مٽائي سهيل رند سان نڪاح ڪرايو ويو آهي، هنن چيو ته اسان جي  ڪير به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن جو مطالبو ته اغوا ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي، هوڏانهن ڪرشما (ڪنول) جو ويڊيو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته پنهنجي مرضي سان مذهب مٽائي سهيل رند سان نڪاح ڪيو آهي، ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مائٽ منهنجي عمر 16 سال ڄاڻائي رهيا آهن جيڪا غلط آهي، منهنجي عمر 19 سال آهي.