ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندي ھڪ ئي خاندان جي ماڻھن سان ڀريل ڪيري گاڏي موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي جنھن سبب ڪار ۾ سوار ٻن عورتن سميت 5 ماڻھو زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مسمات سيما خاتون تنيو، غلام فاطمه تنيو ، ڊرائيور طاھر حسين منگي ۽ معصوم ٻار  شامل آھن. تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ موجود زخمي ڊرائيور ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جا رھواسي تنيا برادري جو ھڪ خاندان سعودي ۾ رھندو ھيو جيڪي ڏيھه پھتا آھن اھي پنھنجي گھر لاڙڪاڻي وڃي رھيا ھئا ته ڪولاچي موري ڀرسان موٽرسائيڪل کي بچائيندي حادثي جو شڪار ٿي پيا آھيون. تعلقي اسپتال ميھڙ جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب زخمين مان ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي حالت انتھائي نازڪ آھي جن کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.