محرابپور (ن پ ا) محرابپور جي وارڊ نمبر 7 ۾ ڀت جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻه عورتون شازيا راجپوت ۽ وڪيل غزالا حسين پنهور زخمي ٿي پيون، واقعي خلاف شهيد بينظير ڀٽو چوڪ تي راجپوت برادري جي مردن ۽ عورتن گهر تي مبينا طور ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي هنن چيو ته پورهيت رمضان راجپوت پنهنجي گهر جي ڀت ٺهرائي رهيو هو ته ايڊووڪيٽ غزالا پنهور، خان نوناري ۽ بين حملو ڪيو، جنهن ۾ ناري شازيا راجپوت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال  منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون پر هنن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، احتجاج دوران روڊ ڪراس ڪندڙ پورهيت منظور خاصخيلي مٿان مڇريل مظاهرين سخت تشدد ڪيو.