نئون ڪوٽ (ن پ ا) هفتو اڳ نئون ڪوٽ مان پراسرار نموني گم ٿيڻ بعد قتل ٿيل امتياز ملاح جو پنگريو پوليس سندس والد نور محمد ملاح جي فرياد تي چئن ڄڻن سڪندر ملاح، منور علي، نظير ملاح ۽ محمد شريف ملاح خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، فريادي ٻڌايو ته امتياز ملاح کي ٽنڊو باگو واسي مڇي جو ڪاروبار ڪندڙ سڪندر ملاح سميت چئن ڄڻن سستي مڇي وٺي ڏيڻ جو دوکو ڏئي پنگريو گهرائي بيدردي سان قتل ڪري ملڪاڻي ويجهو ڦٽو ڪيو، وارثن موجب اسان چئن ڄڻن کي پنگريو پوليس حوالي ڪيو آهي، جوابدارن پاران نوجوان کي قتل ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو ويو آهي،  هنن جو چوڻ آهي ته سڪندر ملاح  سان گڏ ٽن ڄڻن اڍائي لک رپين عيوض نوجوان کي قتل ڪيو، هوڏانهن پوليس جوابدارن جي گرفتاري جي تصديق ناهي ڪئي.