ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي جي تفريحي ماڳ سي ويو وٽ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيندڙ خاتون فزيو ٿراپسٽ ساره ملڪ جي قتل ٿيڻ جو شڪ: ساره کي اغوا، لڄالٽ ۽ قتل جي الزام هيٺ گرفتار ڊاڪٽر شان کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جو رمانڊ ورتو،  پوليس شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ساره واقعي واري ڏينهن اسپتال مان ڪاوڙجي نڪتي هئي، جاچ آفيسر موجب ڪيس ۾ قتل جو قلم به شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  ڊاڪٽرشان سان موبائل فون جي فرانزڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب ڪيس ۾ نامزد جوابدار بسمه کي في الحال گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته اکين ڏٺن شاهدن موجب  ساره سمنڊ ڪناري اڪيلي ويٺل هئي، جيڪا  روئي رهي هئي، واقعو ٽي ڏينهن پراڻو آهي پر مليل لاش ٽي ڏينهن پراڻو نظر نٿو اچي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد صورتحال واضح ٿي ويندي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هن ڪيس بابت توهان کي ڇا لڳي رھيو آھي؟ جنهن تي  جاچ آفيسر چيو ته اسپتال ۾ ٻه ڇوڪريون ڪم ڪري رهيون هيون، شروعاتي جاچ موجب ساره اسپتال مان ڪاوڙ ۾ ٻاھر نڪتي ھئي، عدالت ڊاڪٽر شان کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو ته معاملو ڇا آهي؟ جنهن تي ڊاڪٽر شان چيو ته ساره اسان جي اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي، واقعي واري ڏينهن هو اسپتال مان اڪيلي نڪتي ھئي، مون کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي، هوڏانهن پوليس ساره ملڪ جا واقعي واري ڏينهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا آهن، فوٽيجن ۾ ساره کي سندس ساٿي ملازمه بسمه سان گڏ ڏسي سگھجي ٿو، ٻئي آفيس مان گڏ نڪرن ٿيون، ڪجهه دير تائين پاڻ ۾ ڳالهائين ٿيون، جنهن بعد هڪ هڪ ٿي پنهنجي پنهنجي رستي سان روانيون ٿين ٿيون.