سنجهورو (ن پ ا) ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ سنجهورو پوليس نامزد وڌيڪ 3 ڄڻن ڀوپو لوڻيو ڀيل، ديا جي ڀاءُ ڏيارام عرف ڏيراج ۽ ساجن ڀيل کي نوابشاهه جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري 2 ڏينهن جو رمانڊ ورتو، ان کان اڳ پوليس ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ صرف روپي ڀيل جي گرفتاري ظاهر ڪري دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو هو، ديا جي پٽ سومر چند جي فرياد تي نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڪالهه روپو ڀيل سميت 4 ئي جوابدرن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آھي.