ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي ويجھولاش هٿ آيو آهي. پوليس غلام الله روڊ تان 55 ورهين جي اڻڄاتل شخص جي لاش  کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايڇ او آفتاب ميمڻ چيو آهي ته غلام الله روڊ تي سيمينٽ فيڪٽري لڳ اطلاع ملڻ تي 55 ورهين جي عمر جي اڻڄاتل شخص جي لاش کي ضروري ڪاروائي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي ته اسپتالي رپورٽ اچڻ بعد اڻڄاتل شخص جي موت جي ڪارڻ جي خبر پوندي جڏهن ته مڪلي پوليس پڻ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.