قمبر ( رپورٽر) قمبر جي صدر ٿاڻي جي  حد جي ڳوٺ ڀاوند لاکا ۾ نوجوان سخاوت ڏيپر پنھنجي وڏي ڀاءُ واحد بخش سان زرعي زمين ۾ ھر ڪاھڻ جي معمولي معاملي تان ڪاوڙجي پاڻ مٿان فائر ڪري خود ڪشي ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.پوليس نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙھ گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.