ٺٽو ( رپورٽر ) جھرڪ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ تي حميد فارم لڳ موٽر سائيڪل سان ٽرڪ  جي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار لاکڙا ڪول مائنز جو پوھيت سوات واسي ولي محمد پٺاڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ھڪ پورھيت حسين علي پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو. جھرڪ پوليس پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي جھرڪ اسپتال منتقل ڪيو. زخمي کي نازڪ حالت سبب ڪوٽڙي اسپتال منتقل نيو ويو.