حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي شهري ترقي واري اداري ايڇ ڊي اي ۾ گريڊ 18هين جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آڊٽ اينڊ  اڪائونٽس محمد وسيم شيخ کي سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي. کيس ٻين ٽن اهم عهدن جي چارج به حوالي ٿيل هئي. حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي وقتي ڊي جي فواد غفار سومرو جي هدايتن تحت ايڇ ڊي اي جي سيڪريٽري رحمت الله جمالي ڄاڻايل عملدار کي عهدن تان بيدخل ڪري کيس ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته محمد وسيم شيخ وٽ اي ڊي پي اينڊ نان اي ڊي پي اسڪيمز جي ايگزيڪيوٽو، واسا جي مئنيجر ڪمرشل ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر رڪوري ايڇ ڊي اي جون چارجون حوالي ٿيل هيون. انهن سمورن عهدن جون چارجون واپس ورتيون ويون آهن.