ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾   15 جنوري تي بلدياتي چونڊ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ٽنڊوالهيار ۾ٽوٽل ووٽرن جو تعداد 385662 آهي، اليڪشن ڪميشن پاران ٽنڊوالهيار ۾ 299 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون وينديون ۽ 1018 پولنگ بوٿس ٺاهيا ويندا، جڏهن ته ايم سي وارڊ 6 ۽ يوسي ميرآباد جي اميدوارن جي وفات بعد  اتي اليڪشن ملتوي ڪيو ويو آهي ضلعو ٽنڊوالهيار هڪ ضلعي ڪائونسل جي 26 يونين ڪائونسلن 5 ٽائون ڪميٽين جا 27 وارڊ  ۽ هڪ ميونسپل ڪاميٽي جا 23 وارڊ آهن، جن جي 169 سيٽن تي 763  اميدوارن سوڀ ماڻڻ لاءِ حصو ورتو آهي، جڏهن ته اليڪشن کان اڳ 35 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، جنهن ۾ 34 اميدوار پيپلزپارٽي ۽ هڪ اميدوارجي يو آءِ  ( ف) جا بنامقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي، بلدياتي اليڪشن ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي مونهن ڏيڻ لا۽ رينجرز ۽ آرمي کي مقرر ڪيو ويندو.