ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور ڀرسان هٿياربندن نلڪو ٺهرائڻ بهاني گهرائي ٻن پورهيتن کي ڌڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيو،  نامعلوم ماڻهن مستري آدم چاچڙ کي نلڪو ٺاهڻ بهاني وٺي ويا آدم چاچڙ ساٿي مزدور محمد علي چاچڙ سان گڏ ويو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿيارن جا بٽ هڻي ٻنهي پورهيتن کي رتورت ڪري فرار ٿي ويا، هٿياربندن زخمين جا موبائل پڻ کڻي ويا، رستي ويندڙ ماڻهن زخمين کي کڻي ڪرمپور ٿاڻي تي پهچايو، پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏيئي کين اسپتال موڪليو زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين لاڙڪاڻو اسپتال ريفر ڪيو ويو ڪرمپور پوليس موجب اين سي داخل ڪري زخمين کي علاج لاءِ اسپتال روانو ڪيو آهي واقعي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.