ميرپوربٺورو (ن پ ا) تعلقي ميرپوربٺورو جي 12 يونين ڪائونسل مان 4 يوسيز تي پ پ پ جا چيئرمين، وائيس چيئرمين اميدوار بنا مقابلي ڪامياب، 7 يوسيز تي ضلعي ڪائونسل جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ تعلقي ميرپوربٺورو جي 12 يونين ڪائونسل ۽ 2 ٽائون ڪاميٽيز تي چونڊون ٿي رهي آهن، رٽرننگ آفيسر سجاول جي آفيس مان ورتل انگن اکرن موجب يونين ڪائونسل مهرشاهه تي پ پ پ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين اميدوار سجاد شورو، رفيق ملاح، يوسي ڪنڊور ٿي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين اميدوار ساجد قادر خاصخيلي ۽ خادم بڪيرو، يوسي حسين پور تي چيئرمين وائيس چيئرمين اميدوار اعجاز لاشاري ۽ يوسي بچل گگو تي چيئرمين وائيس چيئرمين اميدوار بچل گگو ۽ ارشاد علي سامهون بيٺل اميدوارن جي هٿ کڻڻ ۽ رٽائر ٿيڻ سبب بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته يونين ڪائونسل ڪنڊور تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر اميدوار ارباب ڪامران ميمڻ، يوسي مهرشاهه تي ضلعي ڪائونسلر جي اميدوار راجا رميز الحق زئور، يوسي دريا خان سوھو تي ضلعي ڪائونسلر جي اميدوار غلام مرتضيٰ خواجا، يوسي لائقپور تي ضلعي ڪائونسل ميمبر جي اميدوار ذوالفقار ترڪ، يوسي بچل گگو تي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار هاشم منڇري، يوسي ٻنون تي ضلعي ڪائونسل ميمبر جي اميدوار عبدالرشيد پليجو ۽ يوسي حسين پور تي ضلعي ڪائونسل ميمبر اميدوار محمد حسن ٻانهي پوٽو پڻ بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي آهي. جڏهن ته يوسي شاھ محمد شاھ تي راڄوڻي اتحاد پاران نامزد اميدوار مختيار زئور جي وفات سبب اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي ساڳئي يوسي تي ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ وارڊ ڪائونسلرن تي چونڊ ٿيندي. ، جڏهن ته ٽائون ڪميٽي ميرپور بٺورو جي چئن وارڊن ۽ ٽائون ڪميٽي دڙو جي پنجن وارڊن تي ڪوبه ڪائونسلر بنا مقابلي نه ٿيڻ سبب زبردست مقابلو  ٿيندو.