مٽياري  (رپورٽر) مٽياري شهر ۽ ضلعي  جي مختلف علائقن ۾ پابندي باوجود ھوٽلن تي صحت لاءِ هاڃيڪار پائوڊر وارو کير سرِعام  ھوٽلن تي استعمال ٿي رھيو آھي، انتظاميا فوڊ ڪنٽرولر ڊپارٽمينٽ پائوڊر واري کير جي وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، شهري پيٽ سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته کير جي نالي تي زهر وڪرو ڪيو پيو وڃي، مٽياري شھر ۾ ڪافي ھوٽلن تي ڪيميڪل وارو کير استعمال ٿئي ٿو جنهن جي چانھ پيئڻ کان اسان مختلف بيمارن ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون فوري طور تي  انتظاميا زهر وڪرو ڪندڙ  دوڪاندارن. ۽ ھوٽلن وارن ته ايڪشن کڻي انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن انساني زندگيون بچي سگهن.