جھول (ن پ ا) جهول لڳ باهه سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي رک، خبر موجب ڳوٺ بهادر خاصخيلي ۾ چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جيو ڀيل ۽ چيتن ڀيل جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب سندن گهرن ۾ پيل هنڌ، کٽون، اناج، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، هنن چيو ته وڏي مشڪل سان رڳو سر بچائي ٻاهر نڪري سگهياسين، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.