ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني ڦرن ڌاڙن ۽ چوري وارن واقعن خلاف سياسي سماجي سول سوسائٽي شھري اتحاد رائيس ملز ايسوسيئشن، ايس يو پي ۽ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران ميھڙ  ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري انڊس ھاءِ وي سٽي ھوٽل ڀرسان ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي سبب ڪراچي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. مظاھرين، مسافرن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون مظاھرين ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سخت نعري بازي ڪئي ڌرڻي ۾ شريڪ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گانگھرو، شھري اتحاد رائيس ملز اڳواڻ نياز علي ٻرڙو ، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي ، وڪيل عابد علي ڪلھوڙو،حمز علي چانڊيو، شڪيل عطار ۽ ٻين چيو تہ ميھڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي شھرين دڪاندارن ۽ واپارين کان سرعام ڦرون ڪيون وڃن ٿيون پر پوليس ڪا به ڪاروائي ڪري نه سگھي آھي  شھر ۾ پاٿاريون کليل آھن تڪ جا چونڊيل نمائندہ ڏوھارين جا سرپرست بڻيل آھن ھنن گُھر ڪئي تہ ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني کي ٻنجو ڏئي سماج سڌارڪ سنڌو نواز گھانگھرو سميت شھر مان 3 کان وڌيڪ چوري ٿيل ڪارون ۽ دڪاندارن شھرين کان ٿيل ڦرن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري پيسا ۽ چوري ٿيل ڪارون واپس ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي ھوڏانھن ايس ايڇ او اي سيڪشن شفيق ابڙو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري چئن ڏينھن جي اندر چوري ٿيل ڪار واپس ڪرائڻ جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.