مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي اسپتال بند ڪري ٻاهر منتقل ڪرڻ واري معاملي تي عوامي اتحاد پاران خميس جي ڏھاڙي تي اسپتال جي مک گيٽ آڏو علامتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ عوام اتحاد جي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو ، سليم سنڌي ۽ رحمت ﷲ ٽرڪ جو چوڻ آهي ته مٽياري عوامي اتحاد جي خميس جي ڏينهن رکيل بک ھڙتال جي ايس ٽي پي، جسقم، جماعت اسلامي، مسلم ليگ ن، جي يو آء-ف، سنڌ سڪار، ايس يو پي، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ ٻين سياسي پارٽين ۽ سماجي تنظيمن طرفان حمايت ڪئي وئي آهي ۽ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو آهي ته مٽياري شهر مان صحت جي بنيادي سھوليت جي ضلعي اسپتال جي نالي ۾ منتقلي ۽ شھر اندر ھر بنيادي صحت سھولت ختم ڪرڻ خلاف `مٽياري عوامي اتحاد` طرفان خميس ڏينهن 23 سيپٽيمبر تي صبح جو تعلقي اسپتال جي گيٽ سامھون بک ھڙتال جو اعلان ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي اسپتال شروع ڪئي وڃي ۽ شھر اندر غريبن لاء بنيادي صحت سھوليت بند نه ڪئي وڃي،