نصيرآباد (ن پ ا) باڊھ ڊگري ڪاليج جي ڪلارڪ خيرپوريونيورسٽي جي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري 53 شاگردياڻين کي امتحاني جعلي سلپون جاري ڪرڻ جون خبرون پنھنجي اخبار ۾ خبرون شايع ٿيڻ کان پوءِ خيرپور يونيورسٽي انتظاميا ۾ ٿرٿلو معاملو حل ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر ريجنل ڪاليج نصيرآباد امتحاني سينٽر تي پھتو، ڊائريڪٽر غلام سرور لغاري پاران جعلي سلپن جو ذميوار شاگردياڻين توڙي خيرپور يونيورسٽي انتظاميا کي قرار ڏيندي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي جعلي سلپن جو پتو اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ کان پوءِ پيو آھي، معاملي جو وي سي خيرپورنوٽيس ورتو آھي، جيڪو به ذميوار ھوندو ان خلاف اينٽي ڪرپشن ڏانھن ڪيس موڪليو ويندو. ھن چيو ته شاگردن جي فيس جي جمع جي رسيد والدين کي چيڪ ڪرڻ کپندي ھئي پرانھن والدين ڪوبه توجهه نه ڏنو، ان معاملي باوجود اسان متاثرشاگردياڻين کان امتحان وٺي رھيا آھيون، جلد مسئلو حل ڪيو ويندو. شاگردياڻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سان خيرپور يونيورسٽي ۽ گرلز ڊگري ڪاليج باڊھ جي ڪلارڪ ٺڳي ڪئي آھي اسان کان امتحان سميت اسان کي درست سلپون ڏيئي اسان جو مستقبل بچايو وڃي. نصيرآباد ڊگري ڪاليج جي پرنسپال سڪندر علي گائيچو انڪشاف ڪندي چيو ته بي ايس سي اون کانپوءِ ٽو جا امتحان 26سيپٽمبر کان شروع ٿي رھيا آھن پرھن وقت تائين بي ايس سي ٽو جون نه سلپون شاگردن کي مليون آھن نه ئي امتحاني فيس ڪاليج جي اڪائونٽ جمع ٿي آھي، لڳي ٿو بي ايس سي ٽو جي به شاگردن سان ساڳيو ئي ڌوکو ٿيندو.