ڪراچي (شوبز نيوز) نامياري راڳي پٺاڻي خان جي ڪالهه ورسي ملهائي وئي. پٺاڻي خان جو اصل نالو غلام محمد هو، هن 1926ع ڌاري پنجاب جي علائقي بستي تمبو والي ۾ جنم وورتو. سنس تعلق پنجاب جي ريگستان چولستان سان هو. سرائيڪي ٻولي جو مشهور ڳائڻو هو. هن “ميڏا عشق وي تون، ميڏا يار وي تون” گاني کان مشهوري ماڻي. صوفياڻا ڪلام ڳائي ماڻهن جي دل تي اثر ڪندڙ پٺاڻي ان 74 ورهين جي ڄمار ۾ 9 مارچ خميس جي ڏينهن سن 2000ع ۾ ڪوٽ ادو ۾ لاڏاڻو ڪيو. ڪالهه سندس 23هين ورسي ملهائي وئي.