نيويارڪ (شوبز نيوز) دنيا جي امير ترين شخص ايلن مسڪ جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ هالي ووڊ اداڪار ايليڪس گبني دنيا جي امير ترين شخص، ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ٽوئيٽر جي سي اي او ايلون مسڪ جي زندگي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڄاڻايل دستاويزي فلم آمريڪي پروڊڪشن ڪمپني  ’Jigsaw Productions‘  جي طرفان ٺاهي ويندي، جنهن جي شوٽنگ به شروع ٿي چڪي آهي. ايلون مسڪ مائڪرو بلانگگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان خبر تي رد عمل ڏيندي چيو ته “ اها فلم هٽ ٿيندي.”