لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ميهڙ شهر ۾ 14 ورهين جي نينگري منسا ڀٽي گهر ۾ ردي ڪاغذن کي باهه ڏيڻ دوران سڙي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتي نينگري جي وارثن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر نينگري جو علاج ڪرائڻ بجاءِ حادثن واري شعبي جي فرسٽ فلور ۽ گرائونڊ فلور جا چڪر لڳرائيندا رهيا ۽ نينگري جو علاج نه ڪيو، جنهن ڪري هوءَ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.