ميهڙ (ن پ ا) ڀرسان ميهڙ ٻيٽو روڊ گنجا موري وٽ 5 نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ  ٺوڙھا جي رهواسين 17 ورھين جي اسلم سومرو ۽ 28 ورهين جي گلشير سومرو کي يرغمال بڻائي چائنہ موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ۽ مزاحمت تي هٿيارن جا بٽ هڻي کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي 17 ورھين جي نوجوان اسلم پٽ اصغر سومرو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي ميھڙ پوليس واقعي کان بيخبر رھي. ٻئي پاسي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  آغا واري کڏ ڀرسان نامعلوم  ھٿياربند پوليس اهلڪار محبت سومرو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي مارڪٽ بعد پوليس اهلڪار کان 90 ھزار روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري مزاحمت تي هٿياربندن کيس زخمي ڪري ڇڏيو.