ميهڙ: ميھڙ – فريدآباد روڊ سان ڳوٺ قاضيءَ عارف ڀرسان ڄام شورو اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم هٿيار بندن اڳيان هلندڙ موٽر سائيڪل تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب غلام عباس چانڊيو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته اڪبر عرف ڀٽو مير جت شديد زخمي ٿي پيو. اطلاع تي ميهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ۽ مارجي ويل جو لاش کڻائي تعلقا اسپتال ميهڙ آندو جتي زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ۽ قتل ٿيل غلام عباس چانڊيو جي لاش جو تعلقا اسپتال ميهڙ ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي