ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ اڳوڻي ڊي ايف سي مٺي امجد ميمڻ جي بند پيل چڪي مان ھٿ ڪيل 8 سئو ڪٽا ڪڻڪ فوڊ کاتي حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته بند پيل چڪي کي ڪوٽا ڪيئن ڏني وئي بابت اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار شجاع آباد کي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته ھٿ ڪيل ڪڻڪ نجي اٽي جي مل مان پيسائي ڪرائي سرڪاري اگھه تي اٽو تعلقي شجاع آباد جي ماڻهن کي ڏنو ويندو، ياد رھي ته گذريل رات ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ڳجهي اطلاع تي ڇاپو ھڻي فوڊ کاتي جي ڪاموري جي بند پيل چڪي مان ڪڻڪ هٿ ڪئي هئي.