ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت حيدرآباد-سکر موٽروي جلد مڪمل ڪرائڻ  لاءِ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ سکر ۾ لينڊ ايڪوزيشن آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ ايم 6 حيدرآباد_سکر  موٽروي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته ايم 6 موٽر وي لاءِ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ زمين حاصل ڪرڻ جو ڪم ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو، چيف سيڪريٽري بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر ۽ ٽنهي  ڊويزنن جي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڻ ايم 6 لاءِ گهربل زمين حاصل ڪرڻ واري عمل جي نگراني ڪن. اجلاس ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر بلال احمد ميمڻ ٻڌايو ته حيدرآباد ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ موٽر وي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ اين ايڇ اي عملدارن ٻڌايو ته موٽر وي تي ڄامشورو ۽ روهڙي طرفن کان ڪم شروع ڪيو ويندو ته جيئن رٿا 24 مهينن ۾ مڪمل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته   ڄامشوري ۽ حيدرآباد وچ ۾ سنڌو تي پل ٺاهي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايم 6 موٽر وي جي ٻنهي طرفن ڏانهن ٻيلو کاتو ٻوٽا لڳائيندو.