ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ فلور مل جي گدام تي ڇاپو، کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ جون ذخيرو ڪيل 16 ھزار ٻوريون ھٿ، ھڪ ڄڻو گرفتار، خبر موجب ڪڻڪ ذخيرو ڪري رکڻ جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقا حسين بخش مري يونس رند ۽ مختيارڪار سجاد خاصخيلي پوليس اٽالا ساڻ ڪري کپرو روڊ تي قائم ميمڻ فلور ملز جي گدامن تي ڇاپو ھنيو، جتي ڪڻڪ بدران کنڊ جون 8 ھزار ٻوريون ۽ يوريا ڀاڻ جون 8 ھزار ٻوريون ذخيرو ڪري رکيل ھيون، جن کي انتظاميا تحويل ۾ وٺي گدامن کي سيل ڪري ڇڏيو، ان دوران مل مالڪ مرلي ڪمار فرار ٿي ويو، جڏھن ته پوليس مل جي چوڪيدار ڀرت ڪمار کي گرفتار ڪري ورتو، اطلاع تي ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ پھچي ويو، جنهن چيو ته کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ ذخيرو ڪري رکيو ويو ھو جنھن کي انتظاميا تحويل ۾ ورتو آھي، ھن چيو هٿ ڪيل کنڊ بچت بازارن ۾ 90 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪئي ويندي، جڏهن ته ڀاڻ ضرورتمند آبادگارن کي ڪنٽرولڊ ريٽ تي وڪرو ڪيو ويندو.