ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپور خاص ۾ ڳوٺ ڪامل پنھور ۽ پنھور ڪالوني جي رهواسين سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري عمرڪوٽ رنگ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين حيات پنهور، آصف پنهور ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سندن علائقي ۾ 15 ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهي جيڪو واپڊا وارا تنديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هنن الزام هنيو ته واپڊا وارا پئسا به وٺي ويا آھن پر ان جي باوجود ٽرانسفارمر تبديل ناهي ڪيو، هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب رھواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن ٽرانسفارمر لڳائڻ جو مطالبو ڪيو.