شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ميونسپل جي ملازمن پگھار مان ڪٽوتي، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن بند ڪرڻ، ڪپڙن جا پئسا جاري نه ڪرڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ميونسپل جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو.  ان موقعي تي ملازمن بندھ علي تنيو، وزير مگسي، جميل شاهه ۽ مقبول شاھاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايڊمنسٽريٽر احمد يار ڪارڙو اسان جي ملازمن سان ظلم ۽ زيادتي ڪندي ريٽائرڊ ملازمن جون پگھارون بند ڪري ڇڏيون آهن، سالياني ڪپڙن جا پئسا به اڃان تائين جاري نه ڪيا آهن. ٽريڪٽرن سميت ٻي مشينري جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ختم ٿي وئي آهي.ملازمن گهر ڪئي ته ايڊمنسٽريٽر احمد يار ڪارڙو کي فوري طور ھٽائي پگھارن جي ڪٽوتي ختم ڪري جائز مطالبا منظور ڪري م بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.