ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو يونين ڪائونسل شاهه سڪندر آباد جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ فضل لغاري، اسماعيل ابوپوٽو، الهڏنو بھڻ، خدا ڏنو ڳاھو، عبدالڪريم راڄپر، سلطان بھڻ، ٻيڙو بھڻ، صاحب خان جوڻيجو، سانوڻ ابوپوٽو، اسحاق بابوجو ۽ ڳوٺ عثمان ڳاھو سميت ٻين مان 5 مھينا گذرڻ باوجود پرساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪريو ويو، جنهن سبب ڳوٺاڻن جو چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن مدد جوڻيجو، جعفر بھڻ، شاھنواز، فرمان ۽ ٻين چيو ته يونين ڪائونسل شاهه سڪندرآباد ۾ فنڪشنل ليگ ووٽرن جو تعداد وڌيڪ ھجڻ ڪري ھٿ وٺي برساتي پاڻي نه پيو نيڪال ڪرايو  وڃي، هنن چيو ته برساتي پاڻي مسلسل پنجن مھينن کان  بيٺل ھجڻ ڪري گذر سفر جو واحد ذريعو چوپايو مال به مري رھيو آھي، اسڪول برساتي پاڻي ھيٺ ھجڻ ڪري سوين ٻار تعليم کان محروم آھن، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميا کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون  آھن، پر اڃا تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جلد ڪڍرايو وڃي.