ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) جمڙائو ڪئنال جي شاخن ۾ آبپاشي کاتي پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ خلاف سوين آبادگارن پاران ميرپورخاص-سانگھڙ روڊ تي ايسٽ جمڙائو تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. آبادگارن پاران روڊ تي رڪاوٽون کڙيون ڪري روڊ بلاڪ ڪرڻ سبب روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. آبادگارن شهاب الدين جھنجهي، مولا بخش مري، شڪيل احمد، محمد يوسف، جان محمد ڪلهوڙو، وسايو، جمن شر، انور مري ۽ ٻين چيو ته نارا ڪئنال ۾ پاڻي جي ضرورت آهر موجودگي جي باوجود آبپاشي کاتي جي ڪامورن پاران نارا ڪئنال مان نڪرندڙ ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪيل آهي آبپاشي کاتي وارن پاڻي جي فراهمي لاءِ اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي آبادگار کين رشوت ڏين ٿا انهن کي ضرورت کان به وڌيڪ زرعي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪندڙ آبادگارن جي شاخن ۾ پاڻي جو ڦڙو به نه ٿو ڇڏيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته سندن شاخن ۾ فوري طور پاڻي جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس جو گھيرائو ڪيو ويندو. ايس ڊي او ۽ آبادگارن ۾ ڌمڪين تان ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ بعد حد جي پوليس واقع واري هنڌ پهچي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي جنهن بعد آبادگارن کي شام تائين پاڻي جي فراهمي جي خاطري ڪرائڻ تي آبادگارن پاران پرامن طور ڌرڻو ختم ڪيو ويو.