ھالاڻي (ن پ ا) ھالاڻي ڀرسان ڳوٺ ڍوڍا ۾ خالد سھتو جي فش فارم ۾ نامعلوم ماڻھو زھر وجھي ويا، جنھن جي نتيجي ۾ فش فارم ۾ پنجاهه مڻ کان وڌيڪ مڇي مري وئي. جڏھن ته اُھڙي واقعي جي خالد سھتو پاران ھالاڻي ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آھي جنھن جي ھالاڻي پوليس جاچ ڪري رھي آھي.