ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۾ ٻيلهاڙو مائنر جي پڇڙي جي آبادگارن عبدالله بنگلاڻي، رزاق ڏنو لغاري، واجد ميمڻ، رحم علي لغاري، اقبال لغاري، علي حسن آرائين ۽ ٻين پاڻي کوٽ خلاف پنهنجي اخبار آڏو دانهيندي چيو ته اسين جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ ٻيلهاڙو مائنر جا آبادگار آھيون پڇڙي تائين پاڻي نه هچڻ سبب پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آھيون زمينون بنجر بڻجي ويون، هاڻي فصل ته ٺهيو مال پاڻي وگهي اڃ مري رهيو آهي، پوکيل فصل سڪي رهيو آھي. هنن چيو ته ايريگيشن عملدارن جي ملي ڀڳت سان مختلف طريقن سان رڪاوٽو وجهي پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو جيڪو پاڻي ضايع ٿي سم نالن جي نظر ٿي وڃي ٿو. هنن ايريگيشن جي اعليٰ اختيارين ۽ ٻين وس وارن کان ٻيلهاڙو مائنر جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. جيڪڏهن غير قانوني طور وارا بندي ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.