جهڏو(ن پ ا) جهڏو ۾ بگي مائينر آفيس تي آبادگار ايسوسيئيشن نارا ڪئنال جي اڳواڻن، اياز کوسو، جليل انڙ، ستار قائم خاني، غلام رسول کوسو، ساماڻو خاصخيلي، وسيم کوسو، نياز کوسو ۽ ٻين هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نارا ڪئنال ۾ 13هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي جيڪا 5 سيڪڙو کوٽ ٿئي ٿي، پر ڪوٽ غلام محمد سب ڊويزن ۾ پاڻيءَ جي 15 ڏينهن جي بندش هلي پئي ۽ پاڻي جو گيج به مڪمل نٿو ڏنو وڃي. جڏهن ته منڍ ۾ ڪيلا ۽ سارين جا فصل پوکيا پيا وڃن. هنن چيو ته گذريل سال لکين رپيا خرچ ڪري پوکيل ڪتي جا فصل ٻوڏ جي ڪري ٻڏي تباهه ٿي ويا. جڏهن ته چيٽ ۾ پوکيل بصر ۽ ٽماٽي سميت زرعي جنسن جا مناسب اگهه نه ملڻ ڪري آبادگار توڙي هاري ڪنگال بڻجي ويا، هيل وري پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي سڙي رهيا آهن، هنن چيو ته آبپاشي عملو اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي آبادگارن کي وڪرو رهيو آهي اسان وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي جنهن سبب اسان 3 جولاءِ ڇنڇر ڏينهن احتجاجن جهڏو شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري نبي سر موڙ تي جهڏو ميرپورخاص مين روڊ تي مطالبن جي مڃتا تائين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪنداسين.