ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل رليف جو سامان راشن بيگ ۽ ڪمبل وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار ڪيل تعلقي حسين بخش مري جي مختيارڪار عبدالقيوم لغاري کي اينٽي ڪرپشن پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي جوڊيشنل ڪسٽڊي تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.