ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ) ميرپور خاص جو ڊپٽي ڪمشنر سلامت علي ميمڻ بلدياتي اليڪشن کان 3 ڏينهن اڳ بدلي، ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، چارج ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون حوالي، خبر موجب چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت علي ميمڻ کي مڪاني چونڊن کان 3 ڏينهن  اڳ بدلي ڪري کيس سروس اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي اضافي چارج ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ميرپورخاص زين العابدين کي ڏني وئي آهي، واضح  رهي ته ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص خلاف ڪرپشن ۽ رشوت وٺڻ جي الزامن جون مبينا ويڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص مختلف الزامن هيٺ رهڻ سان گڏ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ آزاد توڙي مختلف سياسي پارٽين جي تنقيد جو نشانو بنجڻ بعد تڪراري بڻيل هو، جنهن بعد کائنس ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي پڻ چارج واپس وٺي ڊائريڪٽر ايڊمن صوبائي اليڪشن ڪميشن وسيم احمد جعفري جي حوالي ڪئي وئي هئي.