عمرڪوٽ (ن پ ا) يوسي کاروڙو تي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار سيد سرفراز علي شاھ بنا مقابلي ڪامياب  ٿي ويو، جڏهن ته يوسي کاروڙو تي ضلعي ڪائونسل جو اميدوار سيد سرفراز علي شاھ جي سامهون بيٺل جي ڊي اي جو اميدوار ياسين مهر ۽ پي ٽي آئي جو اميدوار قيمت راءِ ميگھواڙ ۽ هڪ آزاد اميدوار عرفان رانگڙ سندس حق ۾ هٿ کڻي ويا آهن.