مورو (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن آخري مرحلي ۾ ان سلسلي ۾ جي ڊي اي جا 2 اميدوار سامھون بيٺل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن جي حق ۾ ھٿ کڻي رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي، ۽ ھڪ آزاد اميدوار پڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. مورو ميونسپل ڪاميٽي جي 23 وارڊن مان وارڊ نمبر 13 تي جي ڊي اي ڪائونسلر اميدوار غلام مصطفيٰ سيال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري پيپلز پارٽي اميدوار اڪرم چانڊيو جي حق ۾ رٽائر ٿي ويو جڏھن تہ وارڊ نمبر 21 تي جي ڊي اي ڪائونسلر اميدوار علي بخش  عرف نانو ڪلھوڙو پيپلز پارٽيءَ  اڳواڻ ضياءَ الحسن لنجار سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت ڪري وارڊ نمبر 21 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪائونسلر اميدوار ايڊووڪيٽ الھ بخش خان ڪلھوڙو جي حمايت جو اعلان ڪندي حق ۾ رٽائر ٿي ويو. مورو ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 01 تي آزاد اميدوار ذوالفقار علي ٻرڙو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار غلام حسين سولنگي جي حق ۾ رٽائر ٿي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. مذڪورا ٿيندڙ شمولتن دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڊويزنل صدر ضياءَ الحسن لنجار، تعلقي صدر دوست علي سولنگي، وڏيرو علي اصغر سولنگي، غلام قادر سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته 23 وارڊن تي اسان جا اميدوار سوڀارا ٿيندا جن مان ڪافي اميدوارن جي سامھون بيھندڙ اميدوار سندن حق ۾ ھٿ کڻي ويا آھن.