سيتاروڊ ( ن پ ا ) سيتاروڊ تعليمي ادارن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب تعليمي نظام نه هليو، شھر جي گورنمنٽ بوائز ڪيمپس اسڪول رحماني روڊ جي اسڪول گرائونڊ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي هجڻ تي انتظاميا اسڪول جون بينچون پاڻي تي رکي رستو  ٺاهيو جنهن تان پهرين ڏينهن آيل ڪئي ٻارڙا پاڻي تي ڪري پوڻ تي اسڪول انتظاميا آيل شاگردن کي واپس گهر موڪلي ڇڏيو، جنهن سبب اسڪول ۾ تعليمي نظام نه هليو، انحوالي ”ٽائيم نيوز“ جي پهچڻ تي استادن سڪندر علي پنهنور، اختر حسين پٺاڻ، منٺار علي ملاح، علي نواز سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول جو پاڻي پاڙي جا بااثر ماڻھون ڪڍڻ نٿا ڏين، هنن چيو ته ڪجھ ڏينهن پهرين اسڪول گرائونڊ مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر بااثر ماڻھن اهو چئي اسانکي پاڻي ڪڍڻ نه ڏنو اهو پاڻي اسان ڏانهن ايندو، اسڪول گرائونڊ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هجڻ تي پهرين ڏينهن آيل ڪئي معصوم شاگرد پاڻي تي ڪرڻ سبب ٻارڙن کي موڪل ڪرائي آھي، جڏهن استاد ڊيوٽي تي موجود آھيون، ”ٽائيم نيوز“ جي اهڙي ڪوريج بعد سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي جو ڪائونسل آفيسر خالد حسين ميمڻ عملي ۽ پاڻي ڪڍڻ جي مشين سميت اسڪول پهتو، جنهن موقف اختيار ڪيو ته اسڪول انتظاميا کي پاڻي ڪڍرائڻ لاء پهرين به موٽر ڏنو هو، جنهن پنهنجي مرضي سان اهو موٽر پاڻي ڪڍڻ لاء پاڙي وارن جي حوالي ڪيو، جيڪو خراب صورت ۾ ٽائون کي واپس مليو، اڄ ٻيو موٽر کڻي پاڻي ڪڍڻ لاء پهتا آھيون، جلد شهر جي تعليمي ادارن مان برسات جو پاڻي ڪڍيو ويندو.