ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ زراعت تباھ ٿي چڪي آهي تازو ٿيل برساتن  سبب سنڌ ۾ هارين جا فصل تباھ ٿي چڪا آهن سنڌ ۾ ڪپھه , ڀاڄيون ، ٽماٽا ، تر به مڪمل تباھ ٿي ويا آهن هارين کي مهانگي اگھه تي ٻج ڀاڻ ڏنا وڃن پيا ، فصل تباھ ٿيڻ سبب هاري قرضي ٿي چڪا آهن برسات جو پاڻي بيهڻ ڪري هارين جا ٻار مختلف بيمارين ۾ وٺجي چڪا آهن روڊ رستا تباھ ٿي ويا آهن سنڌ جي ڳوٺن کان شهرن تائين اچڻ مشڪل بڻجي ويو آهي ، هنن چيو ته سڄي سنڌ آفت سٽيل بڻجي وئي آهي وقت جا حڪمران رڳو فوٽو سيشن ۾ پورا آهن سنڌ جي هارين لاءِ فوري رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ، هارين سان آبادگارن سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين ، سنڌ جي پورهيتن سان هن ڏکي وقت ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي گڏ آهي ، هاري پورهيت جي خوشحالي سان ئي ملڪ به خوشحال ٿيندو ، ملڪ جو اصل مسئلو زرعي سڌرا آهن جيڪي پورهيتن جي بهتري ترجيح مطابق نٿا ڪيا وڃن ، سنڌ جي هارين جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري هارين سان انصاف ڪيو وڃي نه ته محرم الحرم بعد سخت احتجاج ڪنداسين.