ڪراچي (اسپورٽس نيوز) شان مسعود ڪرڪيٽ پاڪستان ويب سائيٽ کي انگلينڊ مان انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته مونکي بيٽنگ آرڊر سان ڪوبه مسئلو ناهي، هڪ اوپنر نئين ۽ پراڻي هر بال سان کيڏندو آهي، هن کي فاسٽ بولرز سان گڏوگڏ اسپنرز کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي، مان فرسٽ ڪلاس جي ڪيريئر جي شروع ۾ 4 نمبر تي بيٽنگ ڪندو هوس.  هن چيو ته اڳوڻو هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ مونکي ٽئين نمبر تي به کيڏائيندو رهيو، مڪي آرٿر هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي، 2016 ۾ سختيءَ سان پر منهنجي غلطين کان مونکي آگاهه ڪيو. ويسٽ انڊيز خلاف نه کيڏائڻ تي هن چيو ته مايوس ناهيان، مايوس ٿيڻ سان پنهنجو ئي نقصان ٿيندو آهي. اسان کي فيصلن کي قبول ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هن وقت ٽيم ۾ منهنجي جاءِ نه ٿي ٺهي ته بهتر اهو ئي آهي ته جتي به موقعو ملي پرفارم ڪريان. ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو ٻيو ڪوبه متبادل نه آهي.