ملتان(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني باڪسر محمد وسيم ملتان ۾ ڪرڪيٽ ٽيمن جي اچڻ سبب سيڪيورٽي دوران رستا بند هئڻ ڪري فيملي سميت 4 ڪلاڪ رستي ۾ ڦاسي پيو. قومي باڪسر محمد وسيم ملتان انتظاميا تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صرف ڪرڪيٽر ايٿليٽ آهن باقي ٻيا چڻا کپائڻ آيا آهن. هن چيو ته ملتان ۾ ڪرڪيٽ ٽيمون آيون آهن جنهن سبب سيڪيورٽي طرفان اسان کي 4 ڪلاڪ روڪيو ويو. محمد وسيم وڌيڪ چيو ته مونسان گڏ منهنجي ننڍو پٽ آهي ۽ پريشان آهيان، گاڏي جو پيٽرول ختم آهي، شرم جي ڳالهه آهي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي.