ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي توهين عدالت ڪيس ۾ معافي ملڻ تي نواز ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري به انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شعر توهين عدالت هيش ٽيگ سان شيئر ڪيو ته منهنجي پنجن سالن جو حساب ڏيو، مون کي انصاف ڏيو يا ماري ڇڏيو.