اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو معافي گهري ورتي، عورت جج وٽ وڃي ڪري به معافي گهرڻ جي آڇ ڪئي، عدالت عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت بيان جي روشني ۾ 29 سيپٽمبر تائين حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته جيڪو ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، اوهان بيان جي سنگيني کي سمجهيو، غلطي جو احساس ٿي ويو ته عدالت ان کي ساراهه ٿي. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان جي وڪيل سندس روسٽرم تي اچڻ جي اجازت گهرندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي عمران خان ڳالهائڻ چاهي پيو، جنهن تي عدالت عمران خان کي روسٽرم تي طلب ڪيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اڄ اسان صرف چارج شيٽ پڙهنداسين، عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته منهنجي 26 سالن جي جدوجهد قانون جي حڪمراني لاءِ آهي، مون کانسواءِ جلسن ۾ قانوني جي حڪمراني جي ڳالهه ڪير ناهي ڪندو، هن چيو ته گذريل ٻڌڻي تي مون ڳالهائڻ چاهيو پر ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، هن چيو ته جيڪڏهن عدالت سمجهي ٿي ته مون ڪا ريڊ لائن ڪراس ڪئي آهي ته ان تي معافي گهران ٿو، عدالت چاهي ته آئون عورت جج وٽ وڃي ڪري معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان، مون جيڪو ڪجهه به چيو اهو ڄاڻي واڻي نه چيو، عورت جج کي ڌمڪائڻ جي نيت نه هئي، خاطري ڪرايان ٿو ته اڳتي ڪڏهن به اهڙو عمل نه ورجائبو، عدالت عمران خان کي هڪ هفتي اندر حلفي بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، عدالت رمارڪس ڏنا ته هفتي اندر حلفي بيان جمع ڪرايو، عورت جج وٽ وڃڻ يا نه وڃڻ اوهان جو ذاتي فيصلو هوندو، جيڪڏهن اوهان کي غلطي جو احساس ٿي ويو ۽ معافي لاءِ تيار آهيو ته اهو ڪافي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان لاءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ ڪڏهن به پسند جو عمل ناهي رهيو، عمران جي حلفي بيان کي ڏسي فيصلو ڪنداسين، عمران خان چيو ته ڇا حلفي بيان کانسواءِ عدالت کي مطمئن ڪرڻ جو ڪو آپشن موجود آهي؟ جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نه، اوهان کي حلفي بيان جمع ڪرائڻو پوندو، ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي بعد عدالت لکت ۾ حڪنامو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته عمران خان جي معافي تي عدالت مطمئن آهي، عمران خان پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته غلطي جو احساس آهي، ڌمڪي جو ارادو نه هو، عدالت جو فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو ارادو هو، عمران خان معافي ورتي، عمران خان حلفي بيان جمع ڪرائي جنهن تي غور ڪيو ويندو.